ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جو هاڪاري ڏينهن رهيو.
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري ڏينهن ۾ 100 انڊيڪس 1319 پوائنٽن جي بينڊ ۾ رهيو پر ڪاروبار جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس 124 پوائنٽون گهٽجي 64514 تي بند ٿيو، 100 انڊيڪس جي گهٽ ترين سطح 63757 رهي.
شيئرز بازار ۾ اڄ 94 ڪروڙ شيئرز جا سودا 19.35 ارب رپين ۾ طئي ٿيا، جڏهن ته مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 12 ارب رپيا وڌي 9373 ارب رپيا رهي.
Next Post
You might also like