عوام کي رليف، گيهه ۽ تيل سستو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مهانگائي کان تنگ عوام لاءِ سٺي خبر آهي ته گيهه ۽ تيل جي اگهن ۾ لاٿ ڪئي وئي آهي.
مهانگائي کان تنگ عوام کي رليف ملي ويو، يوٽيليٽي اسٽورن تي برانڊڊ گيهه ۽ ڪوڪنگ آئل جي اگهه ۾ 10 رپيا في ليٽر لاٿ ڪئي وئي آهي.
اگهن ۾ لاٿ جي حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب برانڊڊ گيهه 486 رپيا ۽ ڪوڪنگ آئل 579 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي.
نوان اگهه سڄي ملڪ ۾ يوٽيليٽي اسٽورن تي فوري طور لاڳو ٿيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.