ماڻهو مون کي ڏسي رشتو موڪلي ڇڏيندا آهن: يمنيٰ زيدي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا يمنيٰ زيدي شادي جي آڇ بابت ڳالهائيندي چيو آهي ته سندس شخصيت ئي اهڙي آهي جو ماڻهو کيس پسند ڪندا آهن.
اداڪارا يمنيٰ زيدي تازو ئي ڊگھي عرصي کان پوءِ هڪ مارننگ شو ۾ شرڪت ڪئي جتي هوءَ پنهنجي نئين ايندڙ فلم ”ناياب“جي پروموشن لاءِ آئي هئي.
سوشل ميڊيا تي انٽرويو جي هڪ ڪلپ وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ اداڪارا يمنيٰ زيدي شادي جي سوال تي چيو ته سندس ماءُ وٽ هن لاءِ ڪيترائي رشتا ايندا آهن پر هن اڃ تائين ڪنهن کي ها ناهي ڪئي.
اداڪارا چيو ته هن جي شخصيت ئي اهڙي آهي جو ماڻهو کيس پسند ڪندا آهن ۽ پوءِ رشتو موڪلي ڇڏيندا آهن، پر آئون شاديءَ کان پري ڀڄندي آهيان.
پنهنجي جيون ساٿي بابت ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته هوءَ ڪنهن اهڙي انسان سان شادي ڪرڻ چاهيندي سان زندگي کِل ڀوڳ ۾ خوشيءَ سان گذري سگھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.