نان فائلرز هوشيار! موبائل سمون بلاڪ ڪرڻ جي تاريخ سامهون اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نان فائلرز جون موبائل سمون بلاڪ ڪرڻ ۽ بجلي ۽ گئس جا ڪنيڪشن ڪاٽڻ جي حتمي تاريخ اچي وئي، ايف بي آر ترجمان جو چوڻ آهي ته جنوري جي ٻئي يا ٽئين هفتي تائين حڪم جاري ڪيو ويندو.
پاڪستان ۾ ٽيڪس گڏ ڪرڻ جي مجاز اداري فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) سخت قدمن تحت ٽيڪس گوشوارا داخل نه ڪرائيندڙن جو گهيرو تنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
ايف بي آر ترجمان موجب اداري نان فائلرز جون موبائل سمون بلاڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ ايف بي آر جنوري جي ٻئي يا ٽئين هفتي تائين انڪم ٽيڪس جنرل آرڊر جاري ڪندو.
هن چيو ته اڃا تائين آرڊر جي حتمي تاريخ مقرر ناهي ٿي ۽ ان جو دارومدار قانوني ڪارروائي مڪمل ٿيڻ ۽ ڊيفالٽرز کي نوٽيس جاري ٿيڻ تي آهي، جنوري جي ٻئي يا ٽئين هفتي تائين اهو آرڊر جاري ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.