”بابر اعظم جو برو وقت هلي رهيو آهي، کيس سپورٽ ڪرڻ گهرجي“

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڪپتان اظهر علي چيو آهي ته بابر اعظم جو برو وقت هلي رهيو آهي، اسان کي کيس سپورٽ ڪرڻ گهرجي.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي اڳوڻي ڪپتان اظهر علي چيو ته آسٽريليا دوري دوران پاڪستاني ٽيم جي هاڪاري حڪمت عملي سان کيڏي آهي، شان مسعود سٺي ڪپتاني ڪئي جڏهن ته بابر اعظم جو برو وقت هلي رهيو آهي، اسان کي گهرجي ته کيس سپورٽ ڪيون.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان وٽ سڊني ٽيسٽ کٽڻ جو موقعو آهي، عامر جمال پهرين اننگز ۾ تمام سٺي بيٽنگ ڪئي.
هن وڌيڪ چيو ته کيس فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ پنجاهه سينچريون اسڪور ڪرڻ تي خوشي آهي، ڪرڪيٽ سان محبت آهي ڊيپارٽمينٽ گهڻو ڪجهه ڏنو هاڻي واپس ڪرڻ جو وقت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.