بلدياتي ادارن کي اختيار: ايم ڪيو ايم پاران آئين ۾ ترميمن جي تجويز

ڪراچي (رپورٽر) ايم ڪيو ايم چونڊ منشور پيش ڪري ڇڏيو، آئين ۾ 3 ترميمون ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي، متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان پنهنجو چونڊ منشور پيش ڪندي آئين ۾ 3 ترميمون ڪرڻ  جون به تجويزون ڏئي ڇڏيون، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايم ڪيو ايم ڪنوينر خالد مقبول صديقي جو چوڻ هو ته نامڪمل اختيارن واري جمهوريت نه گهرجي، سمورن بحرانن جو حل جمهوري جي ذريعي ئي ممڪن آهي، اڌ اختيارن واري بنيادي جمهوريت عوام کي ڪو به فائدو نه پهچايو، اسان بلدياتي ادارن ۽ شهري حڪومتن جي اختيارن جي تحفظ لاءِ آئيني ترميمن جي تجويز ڏني آهي، هن چيو ته آئين ۾ ڪجهه بنيادي تبديليون ڪيون وڃن، پاڪستان ان وقت مضبوط ٿيندو جڏهن عام پاڪستاني مضبوط  ٿيندو، بلدياتي چونڊون وقت تي ٿين، مصطفيٰ ڪمال چيو ته اسان جو منشور مسئلا نه پيا ٻڌائي پر انهن جو حل به ٻڌائي رهيو آهي، صوبن وٽ جيڪي پئسا وڃي رهيا آهن اهي ڪٿي خرچ ٿين پيا، خزاني جون چاٻيون وڏي وزير کي اوهان ڪرپشن ڪرائي رهيا آهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.