فيسبڪ جو نئون فيچر لنڪ هسٽري ڪهڙي ڪم جو آهي؟

ميٽا لنڪ هسٽري نالي نئون فيچر متعارف ڪرايو آهي.
اهو فيچر فيسبڪ ۽ انسٽاگرام ٻنهي ايپس ۾ متعارف ڪرايو آهي.
ڪمپني موجب ان فيچر سان واهپيدار اهڙيون ويب لنڪس سولائي سان ڳولي سگھندا جن تي هو اڳ ۾ وزٽ ڪري چڪا آهن.
ميڊيا موجب جڏهن اوهان لنڪ هسٽري کي ان ايبل ڪندئو ته فيسبڪ ۽ انسٽاگرام ايپس ۾ هر اُها لنڪ محفوظ ٿي ويندي جنهن تي اوهان ڪلڪ ڪيو هوندو.
اهڙيءَ طرح اوهان انهن لنڪس کي سولائي سان ڳولا سگھو ٿا جن تي ماضي ۾ وزٽ ڪيو ويو هجي.
ميٽا جو چوڻ هو ته اهڙيءَ طرح واهپيدارن لا3 مخصوص لنڪس کي ڳولڻ سولو ٿي ويندو.
ڪمپني پاران ان نئين فيچر کي باءِ ڊيفالٽ ايبل ڪيو ويو آهي.
ڪمپني اهو واضح نه ڪيو آهي ته ان پاران واهپيدارن جي برائوزر جي ترجيحن جو ڊيٽا گڏ ڪرن سان ڪهڙي مدد ملندي.
پر ميٽا پاران واهپيدارن جي ڊيٽا کي گڏ ڪرڻ جي تاريخ کي ڏسندي اهو چوڻ غلط نه آهي ته ان نئين فيچر سان ڪمپني کي وڌيڪ ڊيٽا گم ڪرڻ جو موقعو ملي ويندو.
مختلف ميڊيا رپورٽس موجب ميٽا پاران انهن سمورين لنڪس کي ٽريڪ ڪيو ويندو آهي جن تي اوهان ڪلڪ ڪندا آهيو.
فيسبڪ ۾ جڏهن اوهان لنڪ تي ڪلڪ ڪندا آهيو ته فون جي ڊيفالٽ برائوزر بدران ڪمپني جو پنهنجو برائوزر اوپن ٿيندو آهي.
ڪمپني موجب جڏهن اوهان هسٽري لنڪ جي اجازت ڏيندا ته اسان انهن تفصيلن کي اشتهارن کي بهتر بڻائڻ لاءِ استعمال ڪري سگھون ٿا.
جيڪڏهن اوهان لنڪ هسٽري کي ڊس ايبل ڪرڻ چاهيو ٿا ته فيسبڪ يا انسٽاگرام اوپن ڪريو.
اتي سيِٽنگز ۾ وڃي Allow Link History کي ڳولي ٽرن آف ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.