رونالڊو جي فلمي دنيا ۾ انٽري؟ ” فاسٽ اينڊ فيوريس“ ۾ نظر ايندو

لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ)ليجنڊري پرتگالي فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو بابت هالي ووڊ اداڪار وين ڊيزل دعويٰ ڪئي آهي ته هو تمام جلد مشهور سيريز ”فاسٽ اينڊ فيوريس“ ۾ شامل ٿي سگهي ٿو.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ انسٽاگرام تي وين ڊيزل هڪ تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ ساڻس گڏ پرتگالي اسٽار ڪرسٽيانو رونالڊو پڻ نظر اچي رهيو آهي.
پوسٽ جي ڪيپشن ۾ اداڪار لکيو ته”سڀئي مون کان پڇي رهيا آهن ته ڇا رونالڊو مشهور سيريز فاسٽ اينڊ فيوريس جو حصو بڻجڻ وارو آهي؟“
هن دعويٰ ڪئي ته ”مان توهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ها، هو واقعي خاص آهي ۽ اسان جڳ مشهور فٽبالر لاءِ هڪ ڪردار لکيو آهي،“ پر هن ڪردار بابت وڌيڪ تفصيل فراهم نه ڪيا.
ٻئي پاسي، ڪرسٽيانو رونالڊو يا سندس ٽيم ان دعويٰ جي تصديق يا ترديد ناهي ڪئي، پر فٽبال شوقينن رونالڊو کي”فاسٽ اينڊ فيوريس“ ۾ ڏسڻ چاهيندا.
ياد رهي ته 2001ع کان شروع ٿيندڙ مشهور هالي ووڊ سيريز ”فاسٽ اينڊ فيوريس“ هينئر تائين ڏهه سيزن رليز ٿي چڪا آهن، آخري فلم 2023ع ۾ ”فاسٽ ايڪس“ جي نالي سان آئي هئي، جڏهن ته ان جو ٻيو حصو ”فاسٽ ايڪس: پارٽ ٽو“ 2027ع ۾ رليز ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.