گڊو سوئچ يارڊ ۾ اهم تبديلي، لوڊشيڊنگ گهٽجي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن کان جاري لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.

نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني جي ٽيڪنيڪل ٽيمن 500 ڪي وي گڊو سوئچ يارڊ جي متاثر سرڪٽ بريڪر کي تبديل ڪرڻ جو ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي.

اين ٽي ڊي سي انتظاميا جي هدايت تي اين ٽي ڊي سي جو واڌو عملو مقرر ڪيو ويو آهي ته جيئن متاثر سرڪٽ بريڪر جي تبديلي جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪري سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.