پرويز الاهي جي اڊيالا جيل ۾ طبيعت بگڙجي وئي، اسپتال منتقل

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف جي مرڪزي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهيءَ کي  اڊيالا جيل ۾ طبيعت خراب ٿيڻ تي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

جيل ذريعن موجب، پرويز الاهي کي طبيعت خراب ٿيڻ تي اڊيالا جيل مان راولپنڊي جي انسٽيوٽ آف ڪارڊيولاجي منتقل ڪيو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پرويز الاهي کي دل ۾ تڪليف  ۽ سيني ۾ انفيڪشن جي شڪايت هئي، پرويز الاهي جو طبي معائنو جيل اسپتال ۾ ڪيو ويو، جنهن بعد کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو.

 واضح رهي ته ان کان اڳ به چوڌري پرويز الاهي کي طبيعت خراب ٿيڻ تي جيل مان اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.