زرتاج گل پريس ڪانفرنس دوران روئي ڏنو

پشاور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳوان زرتاج گل 9 مئي واقعن تي معافي گھرندي روئي ڏنو.

پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي زرتاج گل جو چوڻ ته خبر نه آهي ته اليڪشن وڙهي رهي يا ڪا جنگ، منهنجا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته ڊيرا غازي خان ۾ اليڪشن ڪميشن جي عملي کي يرغمال بڻايو ويو هو، ڊيرا غازي خان ۾ جيترو ڪم آئون ڪيو ڪنهن ٻئي ناهي ڪيو.

سندس چوڻ هو ته آئين ۽ قانون تي اعتماد رکان ٿي، پوليس فورس ٻاهر مون کي گرفتار ڪرڻ لاءِ بيٺي آهي.

زرتاج گُل جو چوڻ هو ته مون کي ضمانت ڏني وڃي ۽ پوليس کي گرفتاريءَ کان روڪيو وڃي، ڪنهن به عدالت وڃي سگھان ٿي، پورو ملڪ اسان جو آهي، جيستائين ضمانت نٿي ملي هتان نه ويندس.

سندس چوڻ هو ته جڏهن آئون ناهيان گھٻرائيندي ته ووٽرن کي به نه گھٻرائڻ گھرجي.

زرتاج گل 9 مئي واقعن تي معافي گھرندي روئي ڏنو، سندس چوڻ هو ته 9 مئي جي واقعن تي معافي گھران ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.