پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ نيوزيلينڊ ٽيم جو اعلان

ڪرائسٽ چرچ ( ويب ڊيسڪ ) نيوزيلينڊ، پاڪستان خلاف پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز لاءِ پندرنهن رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ موجب، پاڪستان خلاف پنجن ميچن جي ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ نيوزيلينڊ  جي 15 رڪني اسڪواڊ ۾ ڪين وليمسن ڪپتان، فِن ايلن، مارڪ چيپمين ۽ جوش ڪلارڪ، لوڪي فرگوسن، ميٽ هينري، ايڊم ملني شامل آهن.

ان کانسواءِ ڊيرل مچل، گلين فلپس، مچل سينٽنر، بين سيئرز، ٽِم سيفرٽ، ايش سوڌي ۽ ٽيم سائوٿي به ڪيوي ٽيم جو حصو آهن.

نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ موجب، ڪيوي ٽيم ۾ ميٽ هينري ۽ لوڪي فرگوسن جي واپسي ٿي آهي جڏهن ته ڪپتان ڪين وليمسن ۽ لوڪي فرگوسن سمورين ميچن ۾ ٽيم کي دستياب نه هوندا.

ڪين وليمسن پنج ميچز جي سيريز جي ٽين ميچ نه کيڏندو، وليمسن جي جاءِ تي ٽين ميچ ۾ جوش ڪلارڪ کي کيڏايو ويندو، وليمسن جي غيرموجودگي ۾ سينٽنر ٽين ميچ ۾ ڪيوي ٽيم جي قيادت ڪندو.

لوڪي فرگوسن جي جاءِ تي شروعاتي ٻن ميچن ۾ بين سيئرز حصو وٺندو جڏهن ته ٽرينٽ بولٽ ۽ جمي نيشام ليگ ڪرڪيٽ ۾ مصروف هئڻ سبب سيريز نه کيڏندا.

نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ موجب، ڪائل جيميسن ۽ مائيڪل بريسويل مڪمل فٽ ناهن جڏهن ته راچن رويندرا کي سيريز لاءِ آرام ڏنو ويو آهي.

ياد رهي ته پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 12 جنوري تي کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.