آءِ سي سي ايوارڊز لاءِ  اُڀرندڙ ڪرڪيٽرز جي فهرست جاري، پاڪستاني نظر انداز

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ايوارڊز لاءِ شارٽ لسٽ جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ نيوزيلينڊ، ڏکڻ آفريڪا، سريلنڪا ۽ ڀارت جو هڪ هڪ رانديگر شامل آهي.

آءِ سي سي ايوارڊز لاءِ پهرين شارٽ لسٽ اڄ جاري ڪئي وئي، نامزدگين جو مرحليوار سلسلو پنج جنوريءَ تائين مڪمل ٿي ويندو، مجموعي طور تي 13 ڪيٽيگريز ۾ ايوارڊز جو فيصلو ٿيندو، شوقين به پنهنجي پسنديدا ڪرڪيٽرز کي ووٽ ڏئي سگهندا، حتمي فهرست هلندڙ مهيني جي آخر ۾ سامهون ايندي.

پهرين فهرست ۾ اُڀرندڙ ڪرڪيٽرن جي نامزدگين جو اعلان ڪيو ويو جنهن ۾ نيوزيلينڊ جو راچن رويندرا، ڏکڻ آفريڪا جو جيرالڊ ڪوٽزي، ڀارت جو يشسوي جيسوال ۽ سريلنڪا جو دلشان مڌوشانڪا شامل آهن.

آءِ سي سي ايوارڊز ۾ سال جي بهترين مينز ۽ وومينز ڪرڪيٽر، ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽر، ايمرجنگ ۽ ايسوسي ايٽ ڪرڪيٽر ۽ امپائر شامل آهن، هڪ ايوارڊ اسپرٽ آف دي ڪرڪيٽ لاءِ ڏنو ويندو.ا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.