بلوچستان ۾ پراسرار بيماري وگھي سوين اُٺ مري ويا

لسٻيلا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي لسٻيلي جي جابلو ۽ ريگستاني علائقن ۾ اُٺن ۾ پراسرار بيماري پکڙجي وئي.
مقامي ماڻهن موجب پراسرار بيماري سان ڪيترائي اُٺ مري چڪا آهن جنهن سبب ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو آهي، جڏهن ته بيماري سبب سوين اُٺ متاثر به ٿيا آهن.
پراسرار بيماري سان اٺن جي کَلَ شديد متاثر ٿي رهي آهي جنهن سان اُٺ ڪمزور ٿي مري وڃن ٿا.
ان حوالي سان ڊسٽرڪٽ وٽنري آفيسر ڊاڪٽر عاقل جو چوڻ آهي ته اُٺن جي بيماري بابت ٽيم جوڙي متاثر علائقن ۾ رواني ڪئي وئي آهي ۽ اُٺن جي مرڻ يا متاثر ٿيڻ جو انگ ٽيمن جي پهچڻ کان پوءِ ئي لڳائي سگھجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.