نواز شريف جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري خلاف اپيل تي ريٽرننگ آفيسر طلب

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) نواز شريف جي نامزدگي ڪاغذن منظوري خلاف اپيل تي ريٽرننگ آفيسر کي طلب ڪيو ويو آهي.
هاءِ ڪورٽ جي عام چونڊن بابت جوڙيل اپيليٽ ٽربيونل ۾ ن ليگ قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي قومي اسيمبلي جي تڪ 130 تان نامزدگي ڪاغذن جي منظوري خلاف داخل اپيل تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ٽربيونل ريٽرننگ آفيسر کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.
اپيليٽ ٽربيونل جي جج رسال حسن سيد اپيل تي رجسٽرار آفيس جو اعتراض ختم ڪندي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري خلاف اپيل تي ريٽرننگ آفيسر کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.