چوڏهين چَٽ، پندرهين پَٽ، مڪي شريف ۾ قيامت جي وڏي نشاني ظاهر؟

هر مذهب ۾ دنيا ۽ ڪائنات جي خاتمي بابت مختلف عقيدا موجود آهن، دنيا ڪهڙي ريت ۽ ڪڏهن پنهنجي پڄاڻي تي پهچندي ان بابت حتمي طور تي ته ڪنهن کي به خبر ناهي پر ڪائنات جو آخري وقت ڪهڙو ۽ ڪيئن هوندو، ان حوالي سان به مختلف مذهبن جا مختلف خيال ۽ عقيدا آهن، اهو ته طئي آهي ته دنيا جا سڀ مذهب ان ڳالهه تي يقين رکن ٿا ته هڪ نه هڪ ڏينهن دنيا جو خاتمو ضرور ٿيڻو آهي جيڪو ٿي رهندو.

اسلام مذهب ۾ دنيا جي خاتمي بابت ڪجهه نشانيون آهن جيڪي پيغمبر اسلام پاڻ سڳورن صه جن فرمايون، پاڻ سڳورن دنيا جي انت بابت جنهن دور جي ڳالهه ٻڌائي اهو دور تقريبن اچي چُڪو آهي ۽ هاڻي گذري رهيو آهي، تنهن باوجود به دنيا جي باضابطا طور خاتمي لاءِ اڃا ڪجهه نشانيون ضرور آهن جن کي پورو ٿيڻو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.