سنڌي چينل فنڪارن کان مفت ۾ ڪم وٺڻ ڇڏي ڏين: فهد مصطفيٰ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪار فهد مصطفيٰ تنيو سنڌ چينلن جتي تنقيد ڪندي چيو آهي ته سنڌي ميڊيا جي ادارن پاران فنڪارن کي مناسب اجورو نٿو ڏنو وڃي.
هن اهڙو اظهار هڪ تقريب دوران ڪيو، صحافڻ کائنس سوال ڪيو هو ته اوهان سنڌي هوندي به سنڌي ۾ ڪو ڊرامو يا ڪو پروگرام ڇو نه پيا ڪريو جڏهن ته اوهان جو پنهنجي پراڊڪشن هائوس به آهي جنهن تي فهد مصطفيٰ سنڌي ميڊيا کي نشاني تي رکندي پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته سنڌي ميڊيا جا ادارا ان لاءِ اسان سان رابطي ۾ اچن بيشڪ اسان ڪم ڪنداسين پر سنڌي ميڊيا جي ادارن کي گھرجي ته اُهي فنڪارن کان مفت ۾ ڪم وٺڻ بند ڪن.

ياد رهي ته ڪجهه وقت اڳ هڪ تقريب ۾ صحافڻ پاران سوالن جو جواب ڏيندي فهد مصطفيٰ اهي ڳالهيون چيون جيڪا ڪلپ سوشل ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمز تي گردش ڪري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.