شهباز شريف جي ڪراچي مان نامزدگي ڪاغذن جي منظوري وارو فيصلو چئلينج

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) شهباز شريف جا ڪراچي مان نامزدگي ڪاغذ منظور ڪرڻ وارو فيصلو چئلينج ڪيو ويو آهي.
اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 242 تان نامزدگي ڪاغذ منظور ڪرڻ جو فيصلو اليڪشن ٽربيونل ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اليڪشن ٽربيونل شهباز شريف جي تڪ اين اي 242 تان نامزدگي ڪاعذن جي منظوري خلاف پ پ اميدوار مسعود خان مندوخيل اپيل داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ريٽرننگ آفيسر منهنجا اعتراض رد ڪري ڇڏيا آهن.
اپيل ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ريٽرننگ آفيسر جلدبازي ۾ قانوني گهرجن کي نظر انداز ڪري شهباز شريف جا نامزدگي ڪاغز منظور ڪيا آهن، ريٽرننگ آفيسر جو 29 هين ڊسمبر وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.