ظالم شخص باغ مان گُل پٽيندڙ ٻار جي ماءُ جو نڪ وڍي وڌو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ٻار هڪ شخص جي باغ مان گُل پٽيو جنهن تي ڪاوڙ ۾ اچي ظالم شخص ٻار جي ماءُ جو نڪ وڍي وڌو.
ڀارتي ميڊيا موجب اهو واقعو ڀارتي رياست ڪرناٽڪ جي ڳوٺ بسورتي ۾ پيش آيوجتي هڪ شخص پٽ جي گُل پٽ تي پنهنجي عدالت لڳائيندي سندس ماءُ کي سزا ڏئي ڇڏي.
ميڊيا رپورٽس موجب آنگن واڙي (ٻارن جي سار سنڀال ڪندڙ سينٽر) ۾ ڪم ڪندڙ هڪ عورت سوگنڌامور جي ٻار کيڏندي کيڏندي ڪلياني مور نالي شخص جي باغ مان گُل پٽيو جنهن تي ڪلياتي مور جو عورت سان جهيڙو ٿي پيو.
ميڊيا رپورٽس موجب جهيڙو ايترو وڌي ويو جو ڪلياتي مور ڪاوڙ ۾ اچي سوگنڌا جو نڪ وڍي ڇڏيو.
رپورٽن موجب نڪ وڍجڻ کان پوءِ سوگنڌا کي فوري طور تي علاج لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
پوليس جو چوڻ آهي ته عورت جو نڪ وڍڻ کان پوءِ ڪلياني مور فرار ٿي ويو جنهن جي ڳولا لاءِ پوليس ڇاپا هڻي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.