اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ شديد ٻاڙائي، ڊالر وڌيڪ مهانگو

ڪراچي (م ڊ) اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جو ڏينهن منفي رهيو، 100 انڊيڪس ۾ 312 پوائنٽس جي گهٽتائي، نئين سال جي پهرين ڏينهن 2 هزار پوائنٽس تيزي بعد پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سال جي ٻئي ڏينهن  ڪاروبار جو منفي رجحان رهيو، سال جي ٻئي ڏينهن ڪاروبار جي شروعات 400 کان وڌيڪ پوائنٽس مثبت ٿي 65 هزار کان مٿي ٿيو، مثبت رجحان مرحليوار گهٽ ٿيندو رهيو، پاڪستان اسٽاڪ انڊيڪس ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي تي 312 پوائنٽس گهٽ ٿي 64 هزار 349 تي ٿيو، 100 انڊيڪس جي بلند ترين سطح 65 هزار 333 رهي، جڏهن ته گهٽ سطح 64213 رهي، ٻئي پاسي پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ م آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ اڄ معمولي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 3 پئسا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 281 رپيا 89 پئسن تي بند ٿيو، انٽربئنڪ ۾ سال جي آخري ڪاروباري ڏينهن دوران ڊالر 7 پئسا سستو ٿيو جنهن کانپوءِ سال 2023ع جي پڄاڻي تي ڊالر 281.86 رپيا تي بند ٿيو هو، ياد رهي ته 2023ع ۾ ڊالر 55 رپيا مهانگو ٿيو، سال دوران رپئي جو اگهه ڊالر جي ڀيٽ ۾ 20 سيڪڙو ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.