جاپان ۾ زلزلو، فوتين جو انگ 48 ٿي ويو

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) جاپان ۾ خوفناڪ زلزلي جي نتيجي ۾ فوت ٿيلن جو انگ 48 ٿي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب جاپان جي وزيراعظم فوميو ڪشيدا نئين سال جي پهرين ڏينهن آيل زلزلي جي نتيجي ۾ 48 ماڻهو فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي ان ۾ وڌيڪ اضافي جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.
جاپاني وزيراعظم چيو ته وچ جاپان جي سامونڊي علائقي ۾ زلزلي سبب ٿيل تباهي وڏي پيماني تي ٿي سگھي ٿي ۽ فوتين جو انگ به وڌي سگھي ٿو.
جاپاني وزيراعظم جو چوڻ هو ته هن وقت اسان لاءِ متاثر ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ هن وقت اسان لاءِ چئلينج آهي.
ٻي پاسي ريسڪيو اختيارين جو چوڻ هو ته زلزلي سبب روڊن رستن جي ٿيل نقصان سبب امدادي ڪاررواين ۾ پريشان کي منهن ڏنو پيو وڃي.
پرڏيهي ميڊيا موجب جاپان ۾ گذريل ڏينهن آيل زلزلي کان پوءِ سونامي جي وارننگ جاري ڪئي وئي جنهن کي هاڻي واپس ورتو ويو آهي پر زلزلي سان سامونڊي علائقي اِن سوزو ۾ هڪ هزار جي ويجهو گھڙ مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا، ان سوزو جي ميئر علائقي جي صورتحال کي گھڻو خوفناڪ قرار ڏنو آهي.
ان کانسواءِ زلزلي سٽيل مختلف علائقن ۾ انفرا اسٽرڪچر کي سخت نقصان رسيو آهي ۽ تقريبن 30 هزار کان وڌيڪ شهري بجلي کان محروم آهن.
واضح رهي ته جاپان ۾ گذريل ڏينهن آيل زلزلي جي شدت 7.6 رڪارڊ ڪئي وئي هئي جنهن کان پوءِ سونامي جي وارننگ به جاري ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.