پاڪستان ٽيم کي وڏو ڌڪ، اهم بالر نيوزيلينڊ خلاف سيريز مان ٻاهر

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) آسٽريليا ۾ پير جي انجري جو شڪار ٿيندڙ مسٽري اسپنر ابرار احمد نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز مان به ٻاهر ٿي ويو آهي.
پي سي بي سليڪشن ڪميٽي جي سربراهه وهاب رياض هڪ انٽرويو دوران انڪشاف ڪيو ته ابرار اڃا تائين مڪمل فٽ ناهي ٿي سگهيو، هو آسٽريليا مان ئي وطن واپس ورندو.
واضح رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۽ آسٽريليا جي پرائم منسٽر اليون وچ ۾ پريڪٽس ميچ دوران انجري جو شڪار ٿي ويو هو.
ايم آر آءِ اسڪين رپورٽ اچڻ کانپوءِ ابرار احمد انجري سبب آسٽريليا خلاف ٽيسٽ سيريز مان ٻاهر ٿي ويو هو.
ياد رهي ته پاڪستان جي نيوزيلينڊ جي دوري جي شروعات ٻارنهن جنوري کان ٿيندي، جتي قومي ٽيم ڪيويز خلاف پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.