شفاف ۽ منصفاڻي چونڊ ڪرائڻ نتيجن کان وڌيڪ اهم آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ چيو آهي ته آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊ ڪرائڻ نتيجن کان وڌيڪ اهم آهي، چونڊون جهموري اصولن پٽاندڙ ڪرايون وڃن جيڪي اثر رسوخ ۽ جبر کان پاڪ هجن ۽ سمورين پارٽين کي برابري جي بنياد تي موقعا ملن.
سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ جي ليون پليئنگ فيلڊ جي درخواست تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته چونڊ پروگرام ۾ خلل وجهڻ کانسواءِ اليڪشن ڪميشن شڪايتون ختم ڪري، ديانتداري سان مصنفاڻي چونڊ ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته منصفاڻي چونڊ چونڊيل حڪومت کي قانوني حيثيت فراهم ڪندي آهي، شفاف چونڊون جهموري عمل تي عوام جو اعتماد برقرار رکن ٿيون.
سپريم ڪورٽ چيو آهي آزاداڻي ۽ منصفاني چونڊ ڪرائڻ نتيجن کان وڌيڪ اهم آهي اليڪشن ڪميشن جهموري عمل ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.