وڊيو: جاپان ۾ مسافر جهاز سڙي تباهه

ٽوڪيو (ويب ديسڪ) جاپان جي ٽوڪيو ايئرپورٽ تي لينڊنگ ڪندڙ مسافر جهاز ۾ باهه لڳي وئي جنهن ڏسندي ئي ڏسندي سڄي جهاز کي پنهنجي وڪڙ ۾ وٺي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب جاپاني ايئرلائين جو مسافر جهاز ٽوڪيو جي ايئرپورٽ تي جيئن ئي لٿو ته ان ۾ باهه لڳي وئي جنهن سڄي جهاز کي پنهنجي وڪڙ ۾ وٺي ڇڏيو، جهاز ۾ باهه لڳندي ئي ريسڪيو ٽيمون رن وي تي وڃي پهتو ۽ مسافرن کي ڪڍڻ جو عمل شروع ڪيو.
رپورٽس موجب جهاز ۾ 367 مسافر سوار هئا جن کي حفاظت سان ڪڍيو ويو آهي.
جاپاني ميڊيا ٻڌايو ته مسافر جهاز تيز رفتاريءَ سان رن وي تي لٿو، جهاز ايئرپورٽ تي ئي بيٺل ڪوسٽ گارڊ جي هڪ جهاز سان ٽڪرائجي ويو جنهن ۾ 6 ڄڻا سوار هئا جن مان هڪ ٻاهر نڪري آيو پر 5 ڄڻن بابت فوري طور تي ڪي به اطلاع نه مليا آهن.
ٽوڪيو ايئرپورٽ تي جتي جهاز ۾ لڳل باهه جي وڊيو سوشل ميڊيا تي به وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ جهاز جي درين مان باهه کي نڪرندي ڏسي سگھجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.