شان مسعود, بابر اعظم بابت اهم بيان ڏئي ڇڏيو

سڊني( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود چيو آهي ته بابر اعظم ٽيم جو اهم رانديگر آهي، سندس حوالي سان ڪي به خدشا ناهن.

آسٽريليا خلاف سڊني ۾ سيريز جي آخري ٽيسٽ کان اڳ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود پريس ڪانفرنس ڪندي بابر اعظم تي اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته بابر کي ميلبورن ٽيسٽ جي ٻي اننگز ذريعي اعتماد مليو هوندو، اننگز ۾ ڪڏهن ڪڏهن رڳو رنسون ئي ناهن ڏسڻيون هونديون، اِهو به ڏسڻو هوندو آهي ته ڪهڙي قسم جي بالنگ ٿي رهي آهي.

هن اميد ظاهر ڪئي ته سڊني ٽيسٽ ۾ بابر اعظم هڪ وڏي اننگز کيڏندو.

شان مسعود چيو ته ميلبورن ٽيسٽ ۾ ڪيئي سبق مليا، ڪيئي ڀيرا کٽڻ جا موقعا مليا، پر غلطين مان سکنداسين، سٺي ڳالهه اِها آهي ته ٽيم ڪوشش ڪئي، شاٽ پِچ بال تي اسان جا آخري ٽي رانديگر آئوٽ ٿيا، باقي بيٽرز شاٽ پِچ بال سٺو کيڏيا.

هن چيو ته غير ذميواري سخت لفظ آهي، زندگيءَ ۾ ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ رسڪ ته کڻڻي پوندي آهي، ڪڏهن ناڪامي ملندي، ڪڏهن غلطيون به ٿينديون، ٿورو اسان کي به صبر ڪرڻو پوندو اسٽيڪ هولڊرز کي به صبر جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.

هن وڌيڪ چيو ته ڪپتان کي سڀ کان پهرين پنهنجي رانديگرن لاءِ آواز اُٿارڻو پوندو آهي، ٽيم جو ماحول سٺو رکڻو هوندو آهي ڇو ته 18 رانديگرن مان 11 جي چونڊ ڪرڻي پوندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.