ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ م آمريڪي ڊالر جي مُلهه ۾ اڄ معمولي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
انٽر بئنڪ ۾اڄ ڊالر ٽي پئسا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 281 رپيا 89 پئسن تي بند ٿيو.
انٽربئنڪ ۾ سال جي آخري ڪاروباري ڏينهن دوران ڊالر ست پئسا سستو ٿيو جنهن کانپوءِ سال 2023ع جي پڄاڻي تي ڊالر 281.86 رپيا تي بند ٿيو هو.
واضح رهي ته 2023ع ۾ ڊالر 55 رُپيا مهانگو ٿيو، سال دوران رپئي جو اگهه ڊالر جي ڀيٽ ۾ ويهه سيڪڙو ڪِريو.