گم ٿيل ماڻهن وارو معاملو سياسي ناهي، ڪيس خارج ٿيڻ نه ڏينداسين: چيف جسٽس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) گم ٿيل ۽ جبري گمشدگين خلاف ڪيس ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وڪيل شعيب شاهين جي دليلن تي رمارڪس ڏنا ته اوهان معاملي کي سياسي بنائڻ چاهيو ٿا ته هي فورم نه آهي.

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ گم ٿيل ماڻهن ۽ جبري گمشدگين جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ جي ڪارروائي سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تان لائيو نشر ڪئي وئي، ٻڌڻي سڀاڻي ساڍي يارهين وڳي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو ته گم ٿيل ماڻهن جو ڪيس سنجيدا نوعيت جو آهي، عدالت کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ يا عدالت جو مذاق اڏائڻ نه ڏينداسين، اسان هن مسئلي کي حل ڪنداسين.

درخواست گذار اعتزاز احسن جي وڪيل شعيب شاهين چيو ته گم ٿيل ماڻهن بابت جوڙيل ڪميشن جي پنهنجي رپورٽ موجب هيل تائين 2 هزار 2 سئو ماڻهو گم ٿيل آهن.

 چيف جسٽس چيو ته اعتزاز احسن جي سامهون ڪنهن کي کنڀيو ويو هجي ته هو ڳالهه ڪري، يا  ڪير پاڻ اچي چوي ته مون کي اغوا ڪيو ويو هو ته اسان ٻڌون، توهان پنهنجي طرفان اها ڳالهه ڪيئن ٿا ڪري سگهو؟ شعيب شاهين ڇا توهان پاڻ ان جا گواهه آهيو؟.

وڪيل شعيب شاهين چيو ته سڄو پاڪستان ان جو گواهه آهي، چيف جسٽس چيو ته توهان اهڙا ڊائلاگ نه ڳالهايو، توهان رڳو هڪ پارٽيءَ جو ذڪر ڪيو، اهي سڀ ماڻهو پارٽي ڇڏي ويا، اسان وٽ ان جو ڪو حل نه آهي، ڇا توهان شيخ رشيد کي معصوم ماڻهن جي ڪيٽيگري ۾ رکندا؟ .

فرخ حبيب، عثمان ڊار، صداقت عباسي اهي ماڻهو ڪير آهن؟ ڇا اسان انهن کي چئون ته پي ٽي آءِ ۾ واپس اچي وڃو؟ وڪيل شعيب شاهين چيو ته اسان گم ٿيل بلوچن جو معاملو به درخواست ۾ اٿاريو آهي،

چيف جسٽس چيو ته اسان سياسي مقصدن لاءِ عدالت کي استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين، ادارن کي پنهنجي حدن ۾ رهڻ گهرجي.

چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اسان نگران سرڪار کي رڳو انهن جي دور ۾ گم ٿيل ماڻهن جو ذميوار قرار ڌئي سگهون ٿا، اسان گم ٿيل ماڻهن جي مسئلي کي سدائين لاءِ حل ڪرڻ چاهيون ٿا، گم ٿيل ماڻهن ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي جهادي تنظيمن جو حصو آهن، ائين دنيا ۾ ڪٿي ناهي ٿيندو ته تنظيمون جوائن ڪيو، اوهان کي خبر آهي ته ماڻهو قتل ٿيا آهن، جج قتل ٿيا آهن، اوهان کي خبر آهي ته ٻن عدالتن جي چيف جسٽس رهندڙ نور احمد مسڪان زئي کي قتل ڪيو ويو؟.

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ٻڌڻي سڀاڻي ساڍي يارهين وڳي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.