الوداعي ميچ کان اڳ وارنر جي ٽوپي چوري ٿي وئي!

سڊني ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان خلاف پنهنجي ڪيريئر جي آخري ٽيسٽ ميچ کان اڳ آسٽريلوي اوپنر ڊيوڊ وارنر جي ٽيسٽ ڪيپ مبينا طور چوري ٿي وئي.

پاڪستان خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي آخري ميچ ڊيوڊ وارنر جي ڪيريئر جي آخري ٽيسٽ ميچ آهي، هن سيريز شروع ٿيڻ کان اڳ ڊگهي فارميٽ واري ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو هو.

پنهنجي الوداعي ٽيسٽ ميچ کان اڳ ڊيوڊ وارنر جي ٽيسٽ ڪيپ ”Baggy green “ سندس سامان مان مبينا طور چوري ٿي وئي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by David Warner (@davidwarner31)

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ انسٽاگرام تي پوسٽ ڪندي ڊيوڊ وارنر ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان خلاف آخري ٽيسٽ ميچ کيڏڻ لاءِ ميلبورن کان سڊني جو سفر دوران سندس ڪيپ بيگ ۾ هئي پر پوءِ ڪو همراهه سامان مان اِها بيگ ڪيپ سميت کڻي ويو آهي.

وارنر چيو ته ايئر لائين ڪمپني کيس ٻڌايو ويو آهي ته هنن تمام ڪيمرائن ذريعي چيڪ ڪيو آهي جنهن ۾ ڪنهن کي به سندس سامان کي هٿ لائيندي ناهي ڏٺو ويو.

هن درخواست ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن وٽ به منهنجي بيگ آهي ته اوهان بيگ رکي سگهو ٿا پر اِها ٽيسٽ ڪيپ مون ڏانهن ڏياري موڪليو.

واضح رهي ته Baggy green ڪيپ آسٽريلوي رانديگرن کي ان وقت ڏني ويندي آهي جڏهن هو ٽيسٽ ڊيبيو ڪن

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.