هرشا ڀوگلي، شاهين جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا

سڊني (ويب ڊيسڪ ) مشهور ڀارتي ڪامينٽيٽر هرشا ڀوگلي پاڪستاني فاسٽ بالر شاهين آفريدي جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي ٽوئيٽ ڪندي ڀارتي ڪامينٽيٽر هرشا ڀوگلي چيو ته آسٽريليا جي دوري شاهين آفريدي جي فارم ۽ فٽنس کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي، سندس سوئنگ بالنگ ۽ رفتار گهٽجي وئي آهي.

هن چيو ته شاهين آفريدي جي سڊني ٽيسٽ م غير موجودگي کانپوءِ اوپنر صائم ايوب جي صورت ۾ نئون باب کلي ويو آهي، نئين ٽيلنٽ جي اچڻ سان پاڪستان ٽيم ۾ نئون جذبو جاڳندو .

هرشا لکيو ته شاهين ۽ ابرار ٻئي پاڪستان لاءِ سڊني ٽيسٽ ۾ ڪارائتو ڪردار ادا ڪري پئي سگهيا پر صائم ايوب کي بيٽنگ ڪندو ڏسڻ لاءِ بيچين آهيان.

هن وڌيڪ چيو ته شاهين جي غيرموجودگيءَ ۾ نوجوان بالرن لاءِ امتحان هوندو، وقت ٻڌائيندو ته ڇا سڊني جي ميدان تي پاڪستان جي واپسي ٿي سگهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.