ڇا ضياءُالحق جو پنهنجو ڪردار چڱو هو؟ ڇا کيس سڀ معاف آهي؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سياستدانن جي نااهلي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران پڇاڻو ڪيو ته ڇا ضياءُالحق جو پنهنجو ڪردار چڱو هو؟ ظلم ته اهو آهي ته آئين جي تحفظ جو قسم کڻي آيل پاڻ آئين ٽوڙيو ۽ پوءِ ترميمون ڪرايون.

آرٽيڪل 62 ون ايف تحت سياستدانن جي نااهلي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته آرٽيڪل 62 ۾ اهي شقون ڪڏهن شامل ڪيون ويون؟ وڪيل مخدوم علي خان چيو ته آرٽيڪل 62 پاڪستان 73 واري آئين ۾ سادو هو، ان ۾ واڌو شقون صدارتي ايوارڊ 1985 کان شامل ٿيون.

چيف جسٽس چيو ته يعنيٰ اهي ضياءُالحق ڪردار بابت شقون شامل ڪرايون، هن سوال اٿاريو ته ڇا ضياءُالحق جو پنهنجو ڪردار چڱو هو؟ ظلم ته اهو آهي ته آئين جي تحفظ جو قسم کڻي آيل پاڻ آئين ٽوڙيو ۽ پوءِ ترميمون ڪرايون.

هن وڌيڪ پڇاڻو ڪيو ته ڇا ججز کي گهر موڪليندڙ، آئين ٽوڙيندڙ سٺو ڪردار ٿي سگهي ٿو؟ ڇا ضياءُالحق کي سڀ معافي آهي؟

وڪيل مخدوم علي خان چيو ته ضياءُالحق بابت ته فيصلو آخرت ۾ ٿيندو، جنهن تي چيف جسٽس سوال اٿاريو ته آئين ٽوڙيندڙ کي سزا آخرت ۾ ٿيندي؟ آخرت جي ڏهاڙي کان ته وڏا عالم ڊڄندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.