هونڊا سي ڊي 70 جي شوقينن لاءِ انتهائي اهم خبر!

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) هوش خطا ڪندڙ مهانگائي سبب موٽر سائيڪلز جا اگهه به آسمان تي پهچي ويا آهن ۽ عام ماڻهو جي اِها سواري به سندس پهچ کان پري ٿي چڪي آهي پر هونڊا 70 سي سي خواهشمندن لاءِ خوشخبري آهي ته هو پنهنجي اِها پسنديدا موٽرسائيڪل بنا وياج آسان قسطن تي به حاصل ڪري سگهن ٿا.

ميڊيا رپورٽن موجب، پاڪستان جون ڪيئي بئنڪون پنهنجي واهپيدارن کي هونڊا 70 سي سي موٽر سائيڪل بنا وياج جي ڇهن مهينن جي آسان قسطن تي ڏئي رهيون آهن.

بئنڪ الفلاح جا واهپيدار ٽن مهينن جي آسان قسطن ۾ ماهوار 52 هزار 7 سئو رُپيا قسط ادا ڪري هونڊا 70 سي سي جا مالڪ بڻجي سگهن ٿا، جيڪي ماڻهو ڇهن مهينن جي قسطن ۾ خريدڻ چاهن ٿا ته کين ماهوار 26 هزار ٽي سئو رُپيا ادا ڪرڻا پوندا.

رپورٽ موجب، ٽن ۽ ڇهن مهينن واري پلانز ۾ وياج جي شرح ٻُڙي آهي، ان کانپوءِ پنج وڌيڪ پلانز آهن پر انهن تي وياج لاڳو ٿئي ٿو، نوَ مهينن جي پلان ۾ ماهوار ويهه هزار چار سئو پنجهٺ رُپيا قسط، ٻارنهن مهينن جي پلان ۾ 16 هزار 100 رُپيا، ڏيڍ سال جي پلان ۾ يارنهن هزار ست سئو رُپيا، 24 مهينن جي پلان ۾ ساڍا نوَ هزار رُپيا ۽ 36 مهينن جي پلان ۾ ماهوار ست هزار ٽي سئو رُپيا قسط ادا ڪرڻي پوندي.

ياد رهي ته هن وقت هونڊا 70سي سي موٽر سائيڪل جي قيمت هڪ لک 57 هزار رُپيا آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.