فوٽو ڪڍرائيندي آهيان منهنجو رنگ ڀورو ڪيو ويندو آهي: آمنا الياس

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ماڊل ۽ اداڪارا آمنا الياس جيتوڻيڪ ماضي ۾ به رنگ جي حوالي سان ڳالهائيندي رهي آهي پر هاڻي سندس هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هو هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي سانوري رنگ تي ڳالهائيندي نظر اچي ٿي.

وائرل وڊيو ۾ آمنا الياس طرفان تازو فريحا الطاف جي پوسٽ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي وئي آهي جتي هن شوبز ڪيريئر سميت ماڊلنگ تي به کليل نموني ڳالهه ٻولهه ڪئي.

پروگرام جي وائرل ٿيل وڊيو ۾ آمنا الياس کي پنهنجي سانوري رنگ جي ڪري انڊسٽري ۾ پيش آيل ڏکيائين تي ڳالهائيندي ڏسي سگهجي ٿو.

وڊيو ۾ آمنا الياس چوي ٿي ته سندس ڪٽنب جي سڀني ماڻهن جو رنگ سانورو آهي، ان لاءِ کيس ڪڏهن گهر ۾ ان ڳالهه جو احساس ئي ناهي ٿيو ته ڀورو رنگ اهميت رکي ٿو.

هن چيو ته ماڊلنگ ڪيريئر جي شروعات ۾ جڏهن هو ڪو به فوٽو شوٽ ڪرائيندي هئي ته کيس ٽو ٽون لائيٽر ڪيو ويندو هو يعنيٰ سندس رنگ کي ميڪ اپ ذريعي گورو ڪيو ويندو هو.

هن چيو ته نه رڳو چهري پر هٿن ۽ پيرن کي به گورو ڪيو ويندو آهي ۽ هر هنڌ کيس ميڪ اپ لڳايو ويندو هو جنهن تي کيس تڪليف ٿيندي هئي.

آمنا الياس جو چوڻ هو ته کيس پنهنجي رنگ ڀورو ڪرڻ تي تڪليف ٿيندي هئي ڇو ته کيس هٿرادو طور تي ٻئي روپ ۾ ڏيکاريو ويندو هو يعنيٰ جهڙي هو آهي، کيس اهڙو نه ڏيکاريو ويندو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.