گم ٿيل ماڻهو هڪ حقيقت آهن، ڪو افسانو ناهي: سينيٽر طاهر بزنجو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڄ ٿيل سينيٽ جي اجلاس ۾ عوامي پارٽي جي سينيٽر طاهر بزنجو چيو ته بلوچستان ۾ گم ٿيل ماڻهو هڪ حقيقت آهن اهو ڪو افسانو ناهي.

سندس چوڻ هو ته گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو هاڻي سڄي ملڪ جو مسئلو بڻجي چڪو آهي، جوابي موقف ٺاهڻ بدران ذميوار هن مسئلي کي هميشه لاءِ حل ڪن، بلوچستان جي گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو هنگامي بنيادن تي حمل ٿيڻ گهرجي.

ان حوالي سان ڳالهائيندي جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد چيو ته چيف جسٽس بلوچ مسئلي جو نوٽيس وٺي، بلوچستان ۾ ڊيٿ اسڪواڊ ختم ڪيا وڃن، اسلام آباد ۾ بلوچن کي ماريو ويو، هي رياستي دهشتگردي آهي، حڪومت کانئن معافي وٺي، حڪومت زخمن تي مرهم رکڻ بدران لوڻ هاري رهي آهي، چيف جسٽس کي چوان ٿو ته ڇا بلوچ ڌرڻي وارن لاءِ عدالت جو در نٿو کلي سگهي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.