اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيب سزا يافتا ماڻهن جي چونڊ وڙهڻ واري معاملي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو.
نيب عدالت کان سنگل بئنچ وارو فيصلو معطل ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته چونڊ وڙهڻ لاءِ نيب سزا يافتا جي ڏهه سال نااهلي وارو مدو بحال ڪيو وڃي.
نيب جو موقف آهي ته نيب جا سزا يافتا ماڻهو چونڊ وڙهڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ جي سنگل بئنچ واري فيصلي جو حوالو ڏئي رهيا آهن.
نيب جو چوڻ آهي ته جون ۾ سنگل بئنچ نيب نااهلي جو مدو ڏهه سال بدران پنج سال ڪري ڇڏيو هو. فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪئي.
نيب عدالت کان استدعا ڪئي ته عدالت انٽرا ڪورٽ اپيل ۾ سنگل بئنچ وارو فيصلو ترت معطل ڪري.