ڪار ساز ڪمپنين جا لائسنس ٻيهر رد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نگران حڪومت ۾ ڪارمينيوفيڪچررز خلاف وڏي ايڪشن بعد ڏنل عارضي رليف جو مدو ختم ٿيڻ تي ڪار مينيو فيڪچررز جا عارضي طور تي بحال ڪيل لائسنس ٻيهر معطل ڪيا ويا.

ان کان اڳ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت ٽن وڏين ڪار ڪمپنين جا معطل ٿيل مينوفيڪچرنگ لائسنس 31 ڊسمبر 2023 تائين عارضي بحال ڪيا هئا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته صنعت ۽ پيداوار موجب ٽن وڏين ڪار ڪمپنين جا مينوفيڪرچنگ لائسنس مستقل بحال ڪرڻ بابت هيل تائين فيصلو ناهي ٿي سگهيو.

ڪار ڪمپنين بزنس پلان جمع ڪرائي ڇڏيو هو جڏهن ته هيل تائين جمع ڪرايل پلان تي فيصلو ناهي ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.