ڪراچي سنڌين جي آهي، جيڪو سنڌي ٿي نه ٿو رهي ان لاءِ ڪا جاءِ ناهي: مراد علي شاهه

سيوهڻ ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته اٺ فيبروري تي پ پ ڪامياب ٿيندي، بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم بڻجندو، جڏهن ته ڪراچي سنڌين جي آهي، جيڪو سنڌي ٿي نه ٿو رهي ان لاءِ ڪا جاءِ ناهي.

سيوهڻ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته بلاول ڀٽو لاهور، لاڙڪاڻي ۽ قمبر واري تڪ تان چونڊ وڙهي رهيو آهي، پ پ مخالف پنج سال گم ٿي ويندا آهن ۽ چونڊن ۾ ظاهر ٿيندا آهن.

سندس چوڻ هو ته حالتون ڪڏهن به بهتر ناهن هونديون، دهشتگردي جو مسئلو ملڪ ۾ آهي، پ پ دهشتگردن جي نشاني تي رهي آهي، جيڪڏهن چونڊون ملتوي ٿيون ته دهشتگرد ڪامياب ٿي ويندا.

هن وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو وزيراعظم بڻجي پنهنجي ناني ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي مشن کي پورو ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.