جپان ۾ 7.6 شدت سان آيل زلزلي کانپوءِ سونامي جي وارننگ جاري

ٽوڪيو ( ويب ڊيسڪ ) وچ جپان ۾ زلزلي کانپوءِ ڪجهه سامونڊي علائقن لاءِ سونامي جي وارننگ جاري ڪندي اتي رهندڙ کي نڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب، جپان جي اوڀر وارن علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.

آمريڪي جيو لوجيڪل سروي موجب ريڪٽر اسيڪل تي زلزلي جي شدت  7 ڏهائي پنج رڪارڊ ڪئي وئي ۽ اِهي لوڏا جپان جي وچ ۽ اتر اوڀر وارن سامونڊي علائقن ۾ محسوس ڪيا ويا.

جپاني اختيارين زلزلي کانپوءِ سونامي جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي، صبح سوير آيل زلزلي سبب شهرين ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو ۽ ماڻهو گهرن کان ٻاهر نڪري آيا، زلزلي سبب هن وقت تائين ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.