ناصر حسين جي بابر ۽ ڪوهلي بابت وڏي اڳڪٿي

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي انگلش ڪپتان ۽ ڪامينٽيٽر ناصر حسين پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم بابت وڏي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.

ناصر حسين بابر اعظم ۽ ڀارتي اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي بابت نئين سال دوران بهترين پليئرز رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي.

هن چيو ته ڪوهلي هلندڙ سال بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي، اهڙي طرح ايندڙ سال آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ رٿيل مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ بابر اعظم به پاڪستاني ٽيم لاءِ وڏي اننگز کيڏي سگهي ٿو، قيادت جي ذميواري مان آزاد ٿيڻ تي يقيني طور نوجوان بيٽر کي آرام ملندو.

ناصر حسين وڌيڪ چيو ته گذريل ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ بابر اعظم ڪپتان طور پنهنجي غيرمعمولي ڪارڪردگي سبب بهترين نتيجا ڏنا هئا ۽ اميد آهي ته ايندڙ سال هو ٻيهر اِهڙي ڪارڪردگي ورجائيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.