ڀارت بليڪ هولز تي تحقيق لاءِ سيٽلائيٽ مشن ڪاميابي سان لانچ ڪري ڇڏيو

ڀارت هڪ سيٽلائيٽ خلا ۾ رواني ڪئي آهي جيڪا بيلڪ هولز جا ڳُجهه سامهون آڻڻ ۾ مدد ڏيندي.

انڊين اسپيس ريسرچ آرگنائزيشن ( اسرو ) طرفان ايڪس ري پوپلرميٽر سيٽلائيٽ ( ايڪسپو سيٽ ) بنگالي نار تان پهرين جنوري جي صبح ڪاميابي سان لانچ ڪئي وئي.

260 ٽن وزني سيٽلائيٽ بليڪ هولز تي تحقيق ڪندي جنهن جا اسرار سائنسدان اڃا تائين مڪمل طور تي سمجهي ناهن سگهيا.

اسرو طرفان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ذريعي ٻڌايو ويو آهي ته  اِها سيٽلائيٽ ٽي ڪروڙ ڊالرز جي لاڳت سان تيار ڪئي وئي آهي جيڪا بليڪ هولز جي ويجهو موجود ريڊي ايشن ۽ ٻين عنصرن کي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندي. اِهو مشن پنجن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين جاري رهندو.

هن سيٽلائيٽ ذريعي ڀارت آمريڪا کانپوءِ ٻيو ملڪ بڻجي ويو آهي جنهن بليڪ هولز جي تحقيق لاءِ مشن روانو ڪيو آهي، ان کان اڳ  ناسا 2021 ۾ مشن روانو ڪيو هو.

اسرو جي دعويٰ آهي ته ايڪسپوسيٽ پهرين سائنسي سيٽلائيٽ آهي جيڪا مختلف ذريعن وٽان خارج ٿيندڙ ايڪس ريز جي جاچ پڙتال ڪري سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.