ڀارتي ڪرڪيٽر دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو

ڀارت ۾ ڪرڪيٽ ميچ دوران بالنگ ڪندي دل جو دورو پوڻ سبب بالر لاڏاڻو ڪري ويو.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، ڇنڇر واري ڏينهن مڌيا پرديش جي ضلعي کرگون جي ڳوٺ ۾ 22 ورهين جو اندل سنگهه ياديو کي ڪرڪيٽ ميچ دوران دل جو دورو پيو جيڪو موتمار ثابت ٿيو.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي اندل سنگهه ميچ دوران بالنگ ڪرائي رهيو ته اوچتو کيس بيچيني محسوس ٿي ۽ هو بهوش ٿي ڪِري پيو. کيس ترت اسپتال نيو ويو جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي.

مقامي اسپتال جي ڊاڪٽر موجب، نوجوان جو موت دل جو دورو پوڻ سبب ٿيو، پوسٽ مارٽم کانپوءِ مڙهه وارثن جي حوالي ڪيو ويو آهي.

ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته جن ساٿين اندل سنگهه کي اسپتال پهچايو، انهن ٻڌايو ته ميچ دوران هن سيني ۾ سور جي شڪايت ڪئي هئي پر ان کي نظر انداز ڪري هن ميچ کيڏي، اندل ميچ ۾ پنهنجي ٽيم لاءِ ستر رنسن جي اننگز کيڏي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.