ڊيوڊ وارنر جو ٽيسٽ کانپوءِ ون ڊي ڪرڪيٽ تان به رٽائرمينٽ جو اعلان

سڊني ( ويب ڊيسڪ ) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپننگ بيٽر ڊيوڊ وارنر ٽيسٽ کانپوءِ ون ڊي ڪرڪيٽ تان به رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

سومر جي ڏينهن سڊني ۾ ڊيوڊ وارنر ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪندي چيو ته ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو سندس فيصلو سٺو آهي، ٽيم لاءِ ٽي ٽوئنٽي کيڏندو رهندو.

سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ٽيم کي ضرورت پئي ته 2025ع جي آءِ سي سي چيمپئن ٽرافي ۾ حصو وٺي سگهي ٿو.

آسٽريلوي ڪرڪيٽر تازو ئي ڀارت ۾ آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي ڪاميابي کي پنهنجي ون ڊي ڪيريئر جي سڀ کان وڏي ڪاميابي قرار ڏنو.

ياد رهي ته ڊيوڊ وارنر پهريان ئي ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري چڪو آهي، هو سڊني ۾ ٽي جنوري کان پاڪستان خلاف پنهنجي آخري ٽيسٽ ميچ کيڏندو.

ڊيوڊ وارنر هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾  2009 ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف ڊيبيو ڪيو، هن 161 ميچن ۾ 45 ڏهائي 30 ايوريج سان ڇهه هزار نوَ سئو ٻٽيهه رنسون ٺاهيون جنهن ۾ ٻاويهه سينچريون پڻ شامل آهن.

وارنر گذريل سال نومبر ۾ ڀارت خلاف آءِ سي سي ورلڊ ڪپ فائنل ۾ آخري ڀيرو ون ڊي فارميٽ ۾ ڪنگروز ٽيم جي نمائندگي ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.