رانديگرن کي قاعدا ۽ ظابطا سيکاريندڙ محمد حفيظ پاڻ ئي قانون ٽوڙي ڇڏيو

ميلبورن ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن تي قاعدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي تي ڏنڊ جو اعلان ڪندڙ ٽيم ڊائريڪٽر محمد حفيظ پاڻ ڊسپلين ٽوڙي ڇڏيو.
ذريعن موجب، محمد حفيظ ميلبورن کان سڊني ويندي هوائي اڏي تي فلائيٽ مس ڪري ويو ۽ ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ ٻي فلائيٽ ذريعي سڊني پهتو.
ذريعن جو چون آهي ته حفيظ کي ٽيم سان گڏ سڊني روانو ٿيڻو هو، حفيظ جي گهرواري جي سيٽ به ساڳي فلائيٽ ۾ بُڪ هئي پر ٻئي دير سان ايئرپورٽ پهتا.
ايئر لائين عملي محمد حفيظ ۽ سندس گهرواري کي جهاز تي سوار ٿيڻ نه ڏنو ۽ دير سبب پاڪستان ٽيم جي جهاز جو دروازو بند ٿي ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حفيط زال سان گڏ ايئرپورٽ تي موجود هيو پر هو ٽائيم نه ڏسي سگهيو، ايئر لائين عملي حفيظ ۽ سندس گهرواري کي جهاز ۾ ويهڻ جي اجازت نه ڏني.
ياد رهي ته حفيظ رانديگرن تي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي تي ڏنڊ جو اعلان ڪري چڪو آهي پر سندس پاران ڊسپلين جي ڀڃڪڙي تي ٽيم انتظاميا خاموش آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.