اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ايٽمي ٿاڪن ۽ قيدين جي فهرستن جي ڏي وٺ وارو مرحلو مڪمل ٿي ويو.
پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ هڪٻئي وٽ موجود قيدين جي فهرستن جي ڏي وٺ ٿي، اِها ڏي وٺ اڄ هڪ ئي وقت اسلام آباد ۽ نئين دهلي جي هاءِ ڪمشنرز ذريعي ڪئي وئي.
اهو قدم پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ 21 مئي 2008 جي صحيح ڪيل قونصلر پهچ جي معاهدي جي شق (آءِ) موجب کنيو ويو، جنهن تحت ٻنهي ملڪن کي سال ۾ ٻه ڀيرا پهرين جنوري ۽ پهرين جولاءِ تي هڪٻئي جي تحويل ۾ قيدين جي فهرست جي ڏي وٺ ڪرڻي هوندي آهي
.سفارتي ذريعن موجب، پهرين جولاءِ 2023ع واري فهرست موجب، ڀارتي جيلن ۾ ڪل 417 پاڪستاني شهري قيد آهن، ان ۾ 343 عام پاڪستاني شهري ۽ مهاڻا شامل آهن. جڏهن ته پاڪستان ۾ موجود ڀارتي قيدين ۾ 42 ڀارتي شهري ۽ 266 مهاڻا شامل آهن.
ان کانسواءِ ٻنهي ملڪن هڪٻئي جي ايٽمي ٿاڪن جي فهرستن جي به ڏي وٺ ڪئي.