جبري گمشدگين خلاف احتجاج جاري،بيوس مائرون رياست کان مايوس آهن: ماه رنگ بلوچ

اسلام آباد(م ڊ)اسلام آباد ۾ جبري گمشدگين ۽ بلوچ نسل ڪشي خلاف احتجاجي ڪئمپ جاري آهي، مزاحمت جي علامت بڻيل بلوچ  اڳواڻ ماهه رنگ بلوچ چيو آهي ته اسلام آباد پهچڻ کانپوءِ فرق آيو آهي، پوري پاڪستان مان ماڻهو اسان وٽ اچي رهيا آهن،گلگت،ڪشمير مان به ماڻهو گم ٿيلن جي فرياد کڻي اچي رهيا آهن، جن ڪوڙي پروپيگنڊا ڪئي اها ناڪام ٿي چڪا آهن، صحافي ۽ وي لاگر اسد علي طور جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪو ڪيترو به وڏو ملزم هجي ان کي عدالتن ۾ پيش ڪرڻ گهرجي، اسان جو نسل ڪشي خلاف  جيڪو بيانيو هو ان ۾ اسان ڪامياب ٿي چڪا آهيون، اسلام آباد ۾ اسان جو 8 هون ڏينهن آهي، جن جا ماڻهو کنڀيل آهن اهي اسان وٽ اچي رهيا آهن، بلوچستان ۾ عورتون هر تحريڪ ۾ شامل رهيون آهن،هن چيو ته  اڄ اسان وٽ مانسهره مان هڪ ماءُ آئي آهي جنهن چيو ته سندس پٽ کي 10 سالن کان لاپتا ڪيو ويو آهي، اها پشتون آهي، هن جي موبائل ۾ سندس پٽ جي تصوير آهي،وٽس ٻيو ڪجهه به ناهي،  اسان هن کي حوصلو ڏئي رهيا آهيون،هن چيو ته  اسان رياست کي بار بار ياد ڏياري رهيا آهيون ته اسان خاموش نه ٿينداسين، بلوچ مسنگ پرسنز جو اشو بلوچستان تائين محدود ڪيو ويو، اڄ پاڪستان جو عوام مظلومن جي حمايت ڪري رهيو آهي اسان جو مطالبو آئيني،قانوني آهي، لاهور،پنڊي، ڪراچي مان خاندان ايڪتا لاءِ اچي رهيا آهن، اسان جي نسل ڪشي تي ڪنهن نه ڳالهايو، اڄ پاڪستان جو عوام گم ٿيل ماڻهن تي ڳالهائي رهيو آهي اهو رڳو بلوچن نه پر جن به مظلوم قومن جا ماڻهو کنڀيل آهن انهن لاءِ همت ۽ حوصلي جي ڳالهه آهي،هن چيو ته تازو جيڪي اسلام آباد ۾ گرفتار ٿيا انهن جا موبائل فون کسيا ويا، انهن جي پروفائلنگ ڪئي وئي،انهن کي ذهني تشدد جو نشانو بڻايو ويو، اڃا به انهن شاگردن خلاف ايف آءِ آر داخل آهي،انهن جي ڪيريئر لاءِ اها ڳالهه خطري واري آهي، هن چيو ته حڪومتي ڪميٽي پاران اسان سان وري رابطو نه ڪيو ويو، بي اختيار ماڻهو اچي هتي ويهي رهن ٿا، اهي ماڻهو سياست ڪرڻ اچن ٿا، جيئن پاڪستان ۾ اليڪشن جي زماني ۾ ڪشمير جي آزادي جا نعرا هڻي ووٽ ورتا وڃن ٿا تيئن بلوچ گم ٿيلن جي اشو تي ڳالهائي ووٽن لاءِ همدردي جو ماحول ته ٺاهيو وڃي ٿو پر ان مسئلي تي ڪير به سنجيده ناهي، ڏينهون ڏينهن ڪيس وڌي رهيا آهن، اسان جڏهن بلوچستان مان آياسين ته اسان سان گڏ 40 خاندان هئا هاڻي 80 جي ويجهو خاندان اسان سان هن ڪئمپ تي گڏ آهن جيڪي پنهنجي ڊيٽا آڻي رهيا آهن،هن چيو ته  فواد حسن فواد ۽ مرتضيٰ سولنگي اسان سان ٻيهر رابطو نه ڪيو، ڪوڙا واعدا ڪري اسان کي هتان کان اٿارڻ جو پروگرام هو،اسان انڪوائرين ۽ ڪميٽين جي نالي تي بيوقوف نه بڻجنداسين،توهان جون پراڻيون ڪميٽيون مشڪوڪ آهن، انهن جو هيل تائين ڪو به کڙتيل ناهي نڪتو، اسان پنهنجي ڀائرن لاءِ آيا آهيون، تحريڪ جاري رهندي، اسان خالي هٿ نه وينداسين، انهن مائرن، ڀينرن کي اسان ڪليئر ڪرائي وينداسين، هتي ڪجهه پيرسن مائرون به آهن جن جي چهري تي رياست کان نااميدي آهي اهي ماڻهن کان نه هن رياست کان نااميد آهن،رياست 14 سالن کان انهن جا پٽ گم ڪري ڇڏيا آهن، ٻين جاين تان به جبري گمشدگيون ٿي رهيون آهن،تجزئي نگار اسد علي طور چيو ته فواد حسن فواد جڏهن نيب جي قيد ۾ هوندو آهي ته وڏو انقلابي شاعر بڻجي ويندو آهي، نگران حڪومت ۾ وزير هوندي اسٽيبلشمينٽ جو ڇاڙتو بڻجي ڪئمپ تي پهچي بلوچ نياڻين سان دوکو ڪري ٿو ۽ کين ڪوڙا واعدا ڪري ٿو ته اسان توهان جا پيارا حراست مان آزاد ڪرائينداسين، انهن انقلابين جي ايتري ئي اوقات هوندي آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.