زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضن خلاف سکر ۾ بک هڙتال

 سکر (پ ر) زرعي انقلاب ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضن خلاف عوامي تحريڪ ضلعي سکر طرفان عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار،  مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ سرواڻ سنڌي، عوامي تحريڪ ضلعي سکر جي صدر ذوالفقار ميراڻي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ احتجاجي بک هڙتال ڪئي. سنڌ جي زمينن تي قبضن، ڪارونجھر، گورک، نار واري ريگستان، کير ٿر نيشنل پارڪ، ھاليجي، ڪينجھر، ڀنڀور، گنجو ٽڪر، منڇر، رني ڪوٽ سميت ٻين تاريخي ۽ سياحتي ماڳن ۽ ڍنڍن ۽ ڍورن تي ٿيندڙ قبضن خلاف ڪارڪنن سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار چيو ته سنڌ جي 13 لک زمين زرعي انقلاب جي نالي ۾ ڪارپورٽ فارمنگ ڪندڙ ڪمپنين کي ڏيڻ سنڌ جي وجود مٿان وار آهي. سڄي ملڪ جي 44 لک ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ ڪندڙ ملٽي نيشنل ڪمپنين ۽ عسڪري ادارن کي ڏني پئي وڃي. ايسٽ انڊيا ڪمپني ٻيهر جوڙي ويئي آهي جنهن ذريعي سنڌين، بلوچن ۽ سرائيڪين کان ڌرتي کسڻ جي سازش ڪئي وئي آهي. سنڌي، سرائيڪي ۽ بلوچ قبضا ڪندڙ ڪنهن به ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ يا ايس آئي ايف سي کي برداشت نه ڪندا. هن چيو ته زمينون ڪارپورٽ فارمنگ ڪندڙ ملٽي نيشنل ڪمپنين ۽ عسڪري ادارن کي ڏيڻ بدران مقامي هارين کي ڏنيون وڃن. عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ سرواڻ جتوئي چيو ته زرعي انقلاب ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي خيرپور ضلعي جي نارو ۽ اڇڙو ٿر جي ريگستان تي به قبضا ڪيا پيا وڃن. ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ زرعي انقلاب جي صورت ۾ سنڌ تي گهڻ طرفو حملو ڪيو ويو آهي. هڪڙي پاسي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ افغانين، بهارين، بنگالين، برمين، هندستانين ۽ ٻين غير ملڪين جون بستيون قائم ڪري ڪوڙا شناختي ڪارڊ ٺهرائي ڏئي، انهن کي سنڌ جي شهرن تي قبضا ڪرڻ جا لائسنس ڏنا ويا آهن ته ٻي طرف سنڌ جي تاريخي ڳوٺن کي ڊاهي پٽ ڪري سنڌين کان زمينون ڦريون پيون وڃن. سنڌين کي پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن ڪيو پيو وڃي. عوامي تحريڪ ضلعي سکر جي صدر ذوالفقار ميراڻي چيو ته زرعي انقلاب ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي 13 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن، جن مان 52 هزار 7 سئو 13 ايڪڙ زمين موجوده سنڌ جي نگران حڪومت عسڪري ادارن سان لاڳاپيل هڪ ڪمپني گرين ڪارپوريٽ انيشيٽو کي ڏني آهي. اسين سمجهون ٿا ته هي زمينون عسڪري ادارن سان لاڳاپيل ڪمپنين ۽ غير ملڪي سرمائيدارن کي ڏيڻ آئين ۽ قانون جي خلاف ورزي آهي. پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي اڳوڻي پي ڊي ايم جي گڏيل حڪومت اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل ڪري اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جهڙو غير آئيني ادارو جوڙيو جنهن ۾ عسڪري قيادت ۽ حڪومتي عملدارن کي شامل ڪيو ويو ۽ پوءِ گرين ڪارپوريٽ انيشيٽو پرائيويٽ لميٽيڊ جي نالي سان هڪ ڪمپني جوڙي وئي. رات پيٽ ۾ جوڙيل ڪمپني کي سنڌ جون زمينون به ڏنيون ويون ته بنا وياج جي قرض ڏئي سرڪاري خزاني ۾ کاٽ به هنيا ويا. اسين سمجهون ٿا ته هي ڪمپني اسان لاءِ برطانيا جي ايسٽ انڊيا ڪمپني کان به وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيندي. ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ سنڌو درياهه جو پاڻي کنيو ويندو جنهن سان پاڻيءَ جي کوٽ کي منهن ڏيندڙ سنڌ ۾ ڪربلا واري صورتحال پيدا ٿيندي. اياز ڪلوڙ، فيض علي ڪٽوهر، راجا الطاف چنا، سجاول سومرو، عمر انصاري، ساجد شاه، زين جتوئي، حال گوپانگ، تصدق سولنگي، ابراهيم لغاري، نادر شيخ، جاويد تنيو ۽ ٻيا بک ڪئمپ تي ويٺا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.