ڇا به ٿي پئي چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺنداسين: پي ٽي آءِ چيئرمين جو اعلان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئرسٽر گوهر عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ پاران بائيڪاٽ واري امڪان کي رد ڪري ڇڏيو.

نجي ٽي وي چئنل سان گفتگو ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهرچيو ته پي ٽي آءِ جو چونڊن جي بائيڪاٽ جو ڪو ارادو ناهي، ڇا به ٿي پئي اليڪشن ۾ ڀرپور حصو وٺنداسين.

هن واضح ڪندي چيو ته هو ٽڪيٽن بابت اڱاري ۽ اربع تي پي ٽي آءِ باني سان مشاورت ڪندو ۽ سپريم ڪورٽ ۾ به درخواست داخل ڪندو.

بئرسٽر گوهر جو چوڻ آهي ته آر اوز جي فيصلن تي عدالتن مان انصاف جي اميد آهي، بيٽ جو نشان کسيو ويو ته  اِهو جهموريت جو نقصان ۽ پي ٽي آءِ سان وڏو ظلم هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.