اين اي 130 تان نواز شريف جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري اليڪشن ٽربيونل ۾ چئلينج

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ ايندڙ مهيني ٿيندڙ عام چونڊن ۾ اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن تي رٽرننگ آفيسرن جي فيصلن خلاف درخواستون داخل ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي.

پاڪستان مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف جي اين اي 130 لاهور تي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري کي چئلينج ڪندي اليڪشن ٽربيونل ۾ درخواست داخل ڪئي وئي.

نواز شريف جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري خلاف درخواست پاڪستان عوامي محاذ جي سربراهه ايڊووڪيٽ اشفاق چوڌري داخل ڪئي.

درخواست ڏيندڙ موقف اختيار ڪيوآهي ته نواز شريف کي سپريم ڪورٽ تاحيات نااهل قرار ڏنو آهي هو چونڊ وڙهڻ لاءِ اهل ناهي جڏهن ته رٽرننگ آفيسر حقيقتن جي ابتڙ نواز شريف جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.