پاڪ فوج ملڪي سلامتي ۽ ترقي لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندي: آرمي چيف

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل عاصم منير قوم کي نئين سال جون واڌايون ڏيندي  چيو آهي ته پاڪ فوج ملڪ جي سلامتي ۽ ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندي.

آرمي چيف جنرل عاصم منير نئين سال جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ته 2023ع  ڏکيو سال گذريو، 2024ع  پاڪستان لاءِ اندروني ۽ ٻاهرين حوالي سان اهميت جوڳو آهي.

هن چيو ته پاڪ فوج ۽ عوام هڪ آهي، ان جي جذبي کي شڪست نٿي ڏئي سگهجي، پاڪ فوج ملڪي سلامتي ۽ ترقي لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندي.

آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته وزيراعظم جي هدايت موجب هو فلسطين ۽ والاريل ڪشمير جي عوام سان گڏ آهي.

هن وڌيڪ چيو ته2023ع  چئلينجن وارو سال هو پر ختم ٿي ويو، هٿيار فوج ۽ قوم کي نئين سال جون مبارڪ ڏئي ٿو….

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.