نوَ مئي سانحو: مراد سعيد ۽ حماد اظهر سميت 51 جوابدارن جون ملڪيتون ضبط ڪرڻ جو حڪم

گوجرانوالا ( ويب ڊيسڪ ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت نوَ مئي تي گوجرانوالا ڇانوڻي تي حملي ۽ ڀڃ ڊاهه واري ڪيس ۾ مراد سعيد، حماد اظهر ۽ عمر ايوب سميت 51 جوابدارن جون ملڪيتون ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

گوجرانوالا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪيس ۾ ملوث 51 جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏيڻ واري ڪارروائي جاري رکندي جوابدارن جي گهرن ۽ شهرن جي اهم هنڌن تي اشتهار لڳائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ان کان اڳ دهشتگردي ٽوڙ عدالت غير حاضري سبب جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا،  ڪيس ۾ دهشتگردي سان گڏ 302 جي شق پڻ لڳائي وئي آهي.

عدالت جن 51 جوابدارن جي مليڪتون ضبط ڪرڻ ۽ کين اشتهاري قرار ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي انهن ۾ مراد سعيد، حماد اظهر، فرخ حبيب، عمر ايوب، علي امين گنڊاپور ۽ زرتاج گُل به شامل آهي.

ان کانسواءِ زبير نيازي، اڪرم ساهي، شوڪت ڀٽي، احمد چٺا، بلال اعجاز ۽ ظفر الله چيما جا نالا پڻ ان فهرست ۾ شامل آهن.

ياد رهي ته نوَ مئي واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان، شاهه محمود قريشي، پرويز الاهي، ياسمين راشد ۽ اعجاز چوڌري به جوابدار نامزد آهن، جڏهن ته پنج ئي شخصيتون جيل ۾آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.