62 ون ايف ۾ تاحيات نااهلي بابت درخواست تي لارجر بئنچ قائم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 62 ون ايف تحت تاحيات نااهلي بابت درخواست تي بئنچ جوڙي ڇڏي آهي.

آرٽيڪل 62 ون ايف  تحت تاحيات نااهلي بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو هلندو يا اليڪشن ايڪٽ ؟ عدالت ٻڌڻي لاءِ بئنچ جوڙي ڇڏي آهي.

سپريم ڪورٽ مير بادشاهه قيصراڻي ڪيس ۾ تاحيات نااهلي بابت نوٽيس تي ست رڪني لارجر بئنچ جوڙي ڇڏي جيڪا سڀاڻي ان معاملي تي ٻڌڻي ڪندي.

چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس يحييٰ آفريدي، جسٽس اميد الدين خان، جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس مسرت هلالي لارجر بئنچ جو حصو آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.